خليفو خدابخش سولنگي

خليفو خدابخش سولنگي: خليفي حڪيم خدا بخش ولد محمد عثمان سولنگيءَ، ڳوٺ مريد ماڇي، تعلقي ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مفتي الحاج خدا بخش ڪارڙي وٽ ويهاريو ويو، جتان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪيائين. ان سان گڏوگڏ طب جو علم به حاصل ڪندو رهيو. حڪمت ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ ڀارت (گجرات) به ويو. اهڙيءَ طرح حڪمت جي سند حاصل ڪرڻ بعد ڳوٺ ميرڻ ماڇيءَ ۾ اچي شفا خانو کوليائين. هو وقت جو بهترين حڪيم هو، طب جي حوالي سان سندس خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. هن حضرت پير مٺا سائينءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. سندس محنت ۽ جفاڪشي ڏسي مرشد کيس خلافت جي اجازت ڏئي علائقي ۾ تبليغ جو حڪم ڏنو، حڪيم خدا بخش پنهنجي علائقي ۾ سڄي ڄمار حڪمت ۽ تبليغ ۾گذاري. حڪيم خدا بخش درگاهه رحمتپور لاڙڪاڻي ۾ علاج معالجو ڪندو هو. پير مٺا سائين ۽ سندس حويليءَ جو خاص حڪيم هو، هن جي هٿ ۾ شفا هئي، جنهنڪري سندس شفاخاني تي ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا، حڪيم خدا بخش سٺو شاعر به هو. پير مٺا سائينءَ جي شان ۾ ڪيترا شعر لکيل اٿس، حڪيم خدا بخش کي ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان هڪ پٽ حڪيم حاجي عبدالله غفاري سندن شفا خانو هلائي، غريب ماڻهن جو علاج ڪندو آهي.
حڪيم خدا بخش حج به ادا ڪيو هو. هن بزرگ 1995ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ ميرڻ ماڇيءَ ۾ سندس حويليءَ جي پاسي ۾ آهي، جتي هر سال محرم مهيني ۾ عرس ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو